SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Decision Makers

(click word to listen sound
  • 🔊
  • disiʒn
  • makers
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Decision Makers

ڊسيشن ميڪرز

فيصلو ڪندڙ حلقو يا با اختيار ڌريون

بين الاقوامي سرشتي ۾ ڪنهن به ڌر پاران ٿيندڙ فيصلي ۾نمائندگي ڪندڙ اُهي فرد يا گروهه، جن کي ڪنهن به معاملي تي مخصوص موقف اختيار ڪرڻ جي منظوري مليل هجي. اها منظوري کين ڪنهن بااختيار فورم ذريعي ملندي آهي. فرد جي حيثيت ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت ڪنهن به اداري جو سربراهه مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو، جنهن کي ڪنهن تنظيم طرفان اهڙو حق ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته گروهي صورت ۾ ڪنهن پارليامينٽ يا لوڪ سڀا جا اُهي ميمبر ڳڻي سگھجن ٿا، جن کي عوام طرفان قانون سازي يا دستاويز جوڙڻ جو اختيار مليل هوندو آهي، پر تبديل ٿيندڙ اڄوڪي دنيا ۾ فيصلا سازيءَ جي سلسلي ۾ بيشمار حلقا للڪاريندي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. مثال طور؛ آزاد معاشرن ۾ عوامي راءِ، سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپن سميت ڪيترائي حلقا ڳڻي سگھجن ٿا، جڏهن ته ٻوساٽيل معاشرن ۾ فوج ۽ ٻيا سگھارا ادارا به ان سلسلي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. اهي سرشتا، جن ۾ فيصلا ڪرڻ جو عمل ڪامورڪي ڄار ۾ ڦاٿل آهي اتي رياستي کاتن جي ڪاڻ ڪڍڻي پوي ٿي، پر مختلف صورتن ۾ هي اصطلاح مختلف طريقن سان لاڳو ٿي سگھي ٿو


Remember Me Also:

ويڇو

ويڇو جمع ويڇا (ڪ)

ذ . فرق، تفاوت، سنڌو، وٿي، علحدگي، مفاصلو، وڇوٽي، دوري، پريشاني.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal